پ پ ورڪر بخاري سيد زاهد شاھ عورتن جا مسئلا معلوم ڪيا
سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ )سکر جي ريجنٽ ڪالوني واري علائقي ۾ غريب عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪرائڻ سميت ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاء پ پ سينيئر ورڪر بخاري سيد زاهد شاھ علائقي ۾ پهتو ته پ پ جي عورت ۽ مرد ڪارڪنن جيئي ڀٽو
جيئي شھيد راڻي جي نعرن سان استقبال ڪيو زاهد شاھ بخاري عورتن جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ ڪجھ مسئلن کي موقعي تي ئي حل ڪيو علائقي جي پ پ ورڪر رضيه بانو عباسي جي رڪيسٽ تي سيد زاهد شاھ بخاري ٽيم سان گڏ پهتو سوين غريب عورتن کيس بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت مسئلا ٻڌايا ان موقعي تي بخاري زاهد شاھ جو چوڻ هو
ته پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ اسلام دين شيخ ۔نعمان شيخ ۽ ارسلان شيخ جي خصوصي هدايتن تحت عوام جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن کي حل ڪرائڻ لاء پ پ ليڊيز ورڪر رضيه بانو جي سڏ تي پهتو آھيان سوين غريب عورتن ۽ مردن جا مسئلا ٻڌا آھن جڏهن ته ڪجھ مسئلن کي موقعي تي ئي حل ڪيا آھن
ٻين مسئلن جي حل لاء سکر هائوس پهچي محترم اسلام دين شيخ ۽ نعمان ۽ ارسلان شيخ جيڪو جلد ئي سکر جو ميئر ٿيڻ وارو آھي کان غريب عورتن جا مسئلا حل ڪرائيندس پاڪستان پيپلز پارٽي جا عوامي چونڊيل نمائندا ئي عوام جي خدمت ڪن ٿا سنڌ سميت ملڪ جو عوام پ پ سان گڏ آھي۔
جُون 13, 2023