مچل اسٽارڪ ڀارتين جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو

Spread the love

آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ شڪست کانپوءِ ڀارتي ٽيم کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته ڀارتي رانديگر فرنچائز ڪرڪيٽ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا آهن، جيڪو عالمي ايونٽن ۾ ناڪامين جو سبب آهي.

اڳوڻي ڀارتي هيڊ ڪوچ روي شاستري به چيو آهي ته ڀارتي رانديگرن کي سوچڻو پوندو ته اهي فرنچائز ڪرڪيٽ کي اهميت ڏين يا ڀارت لاءِ کيڏن، آءِ پي ايل ۾ وڌيڪ پئسي سبب رانديگرن جو ڌيان ان تي آهي.

اهڙي صورتحال ۾ آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ ڀارتين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيو آهي.

هڪ انٽرويو ۾ اسٽارڪ چيو ته مان آءِ پي ايل جي پئسي کان وڌيڪ آسٽريليا جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي ترجيح ڏيندو آهيان، مان آءِ پي ايل مان لطف اندوز ٿيس پر سڀ کان اڳ پنهنجو ملڪ آهي.

هن چيو ته مان ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ موقعو ملڻ تي مئنيجمينٽ جو ٿورائتو آهيان، فرنچائز ڪرڪيٽ ۾ پئسو ٺاهڻ سولو آهي پر پئسو اچڻي وڃڻي شئي آهي، اميد ته نوجوان ڪرڪيٽر به پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ چاهيندا.

جُون 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو