ميرپورماٿيلو جي صحافي تي نامعلوم هٿياربندن پاران حملو، فائرنگ، زخمي
گهوٽڪي (ڊسٽرڪٽ رپورٽ: محمد امين سومرو ) ميرپورماٿيلو جي صحافي لالا مشتاق پٺاڻ تي نامعلوم هٿياربندن پاران حملو، فائرنگ، صحافي سخت زخمي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل، زخمي صحافي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو،
صحافي برادري پاران واقعي جي مذمت، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو، تفصيل موجب ميرپورماٿيلو جي صحافي لالا مشتاق پٺاڻ تي نامعلوم هٿياربندن حملوڪري ڏنو، ۽ سندس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب صحافي لالا مشتاق پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيو ۽ هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، هوڏانهن ميرپور ماٿيلو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي صحافي کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو ويو، جتي کيس طبعي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو آهي،
جُون 13, 2023