ملير: ليکڪ ۽ نامياري محقق گل حسن ڪلمتي جي ياد ۾ ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو
ملير(رپورٽ: قادر درس ) ليکڪ ۽ نامياري محقق گل حسن ڪلمتي جي ياد ۾ ميڙاڪو، قبر تي گلن جي ورکا ۽ چادر چاڙهي فاتح ، سندس عزيزن دوستن ۽ چاهيندڙن جي اک آلي ،گل حسن هڪ تاريخ آهي هن جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن سندس خال ڀرڻ مشڪل آهي
اُهي انسان امر آهن جيڪي هميشه ٻين خاطر جيئندا آهن رخمان گل پالاري ، هوت ڀوو ، خالق جوڻيجو ، علي ڪلمتي ۽ ٻين جو خطاب تفصيل موجب گل حسن ڪلمتي يادگار ڪميٽي طرفان ليکڪ ۽ نامياري محقق گل حسن ڪلمتي جي ياد ۾ گڏاپ جي گبول اسٽاپ لڳ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو
جنهن ۾ سياسي ، سماجي ڪارڪنن ، علمي ادبي لڏي جي ماڻهن ۽ سندس عزيزن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ميڙاڪي کان اڳ قبر تي گلن جي ورکا ڪري چادر چاڙهي وئي ان موقعي تي اڳواڻن پروفيسر رخمان گل پالاري، خدابخش وڪيجو، هوت خان ڪلمتي، خالق جوڻيجو ، سرور جوکيو ، غلام رسول بلوچ، علي ڪلمتي، شاهنواز بلوچ، غلام قادر بلوچ،
پروفيسر علي نواز جوکيو، ۽ ٻين چيو ته گل حسن ڪلمتي هڪ تاريخ آهي هن جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن۽ هن وقت سندس خال ڀرڻ مشڪل آهي ۽ اُهي انسان امر آهن جيڪي هميشه ٻين خاطر جيئندا آهن هنن وڌيڪ چيو ته اسان کي سنڌ گورنمنٽ کان ڪو مطالبو ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ته سنڌ جي نالي واري ليکڪ گل حسن ڪلمتي جي ياد ۾ ڪو رستو،
يا بلڊنگ سندس نالي ڪري يادگار بڻايو وڃي ڇو ته گل حسن ڪلمتي اهو ڪم ڪيو آهي جو سندس ڪم ۽ نالي کي سنڌ صدين تائين ياد رکندي گل حسن ظاهري طرح اسان کان ته وڇڙي ويو آهي مگر سندس نالو ۽ ڪردار هميشه اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي دلين نقش ٿي بيهندو.
جُون 13, 2023