ملير: امام بارگاهه وادي عباس تي پوليس جي چڙھائي خلاف احتجاجي مظاھرو

Spread the love

ملير ( ڊر ) فارم هائوس مالڪ جي قديمي امام بارگاهه وادي عباس تي چڙهائي ، نرسري کي ٽريڪٽر ذريعي صاف ڪرائي ڇڏيو ، امام بارگاهه جي متولين جو ڪينٽ روڊ تي ڌرڻو ، ٽائرن کي باهيون ، گذريل 30 سالن کان امام بارگاهه رجسٽرڊ آهي جتي مذهبي رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون ،

 جي بي گارڊن جو مالڪ پنهنجي پارڪنگ لاءِ جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي تنهنڪري ئي هن امام بارگاهه تي چڙهائي ڪرائي آهي ۽  ان جو تقدس پائمال ڪيو آهي اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي اسان جي مدد ڪن ، سيد وزير حسين شاهه ، جواد باريجو ،

فقير عزيز ۽ ٻين جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب : ملير جي علائقي ميمڻ ڳوٺ ڊملوٽي روڊ تي قائم جي بي گارڊن جي مالڪ قديمي امام بارگاهه وادي عباس تي چڙهائي ٽريڪٽر ذريعي چڙهائي ڪري ڏني ۽ امام بارگاهه جي احاطي ۾ نرسري کي ٽريڪٽر ذريعي صاف ڪرائي ڇڏيو آهي ان عمل  خلاف امام بارگاهه جي متولين سيد وزير حسين شاهه ، علي باريجو ،

فقير عزيز ۽ بين جي اڳواڻي ۾ ڪينٽ روڊ تي ڌرڻو  هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ مزاحمت ڪئي وئي جنهن بعد گارڊن مالڪ ٽريڪٽر ۽ ٻيا ماڻهو وٺي فرار ٿي ويو ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 30 سالن کان امام بارگاهه رجسٽرڊ آهي جتي مذهبي رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون ،

جي بي گارڊن جو مالڪ پنهنجي پارڪنگ لاءِ جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي تنهنڪري ئي هن امام بارگاهه تي چڙهائي ڪرائي آهي ۽  ان جو تقدس پائمال ڪيو آهي هنن چيو ته ڄاڻايل فارم هائوس ۾ رات ڏينهن غير قانوني ۽ غير اخلاقي ڪم ڪيا وڃن ٿا

 جنهن تي اسان کي منع به ڪئي آهي ته عبادتگاهه جي سامهون اهو عمل بند ڪيو وڃي پر هو مڃڻ لاءِ تيار ناهن ٻيڻو ڏاڍ ڪري اسان جي ئي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هنن ڊي سي ملير ، ايس ايس پي ملير ۽ حلقي جي چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري امام بارگاهه جو تقدس بحال ڪرائي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

جُون 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو