”ضرور عورت جو چڪر هوندو“ هرکائي اغوا ڪندڙ عورتن جي گينگ سرگرم
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بهاولپور جي مختلف علائقن ۾ عورتن جي هني ٽريپ گينگ سرگرم آهي.
گينگ ۾ موجود عورتون پوليس جي ڪجهه ماڻهن سان گڏجي دوستي بهاني امير ماڻهن کي ڦاسائين ٿيون ۽ پوءِ پنهنجي شڪار کي ملاقات لاءِ مختلف گهرن ۽ هوٽلن ۾ گهرايو وڃي ٿو.
پهريان شڪار تي تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ پوليس ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني وڃي ٿي.
شريف ماڻهو ڊڄي جان ڇڏائين ٿا ۽ جيڪي رقم نٿا ڏئي سگهن انهن تي ڪنهن به ٿاڻي ۾ ريپ جو ڪيس ڪري رقم جي گهر ڪري کين بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو.
ذريعن موجب هني ٽريپ گينگ جي ناڪاري سرگرمين جي حوالي سان متاثرن جي منظرعام تي اچڻ باوجود پوليس هيل تائين ڪا ڪارروائي ناهي ڪري سگهي.
هڪ عورت جي سڃاڻپ ڪلثوم نالي سان ٿي آهي جيڪا سوشل ميڊيا ۽ موبائيل فون ذريعي ماڻهن کي محبت جي ڄار ۾ ڦاسائي ٿي.
اهڙي انڪشاف هن گينگ جي شڪار بڻيل محمد جهانزيب پاڻ ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪيو، ان ۾ هڪ پوليس اهلڪار محمد مشتاق جو به اهم ڪردار سامهون آيو.
خيال رهي ته سنڌ ۾ به اغوا جون وارداتون وڌي ويون آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي هرکائي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي ڪو به ماڻهو اغوا ٿيندو آهي ته ماڻهو اهو ئي چوندا آهن ته ضرور عورت جو چڪر هوندو، يعنيٰ کيس هرکائي اغوا ڪيو ويو هوندو.
