صحافت کي زندگي ارپيندڙ پريس ڪلب راڻيپور جو فائونڊر ميمبرگذاري ويو
راڻيپور (رپورٽ: سعيداحمدسھتو) صحافت جي دنيا کي پوري زندگي ارپيندڙ پريس ڪلب راڻيپور جو فائونڊر ميمبر اڳوڻو صدر حفيظ الرحمان ميمڻ 63 ورھن جي ڄمار ۾ دل جي دوري سبب گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو جنھن سوين آلين اکن سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو .
انسان دوست ڪاروباري شخصيت ۽ صحافي حفيظ الرحمان ميمڻ اچانڪ دل جي دؤري پوڻ سبب طبه معائني لاء گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ نيو ويو جتي دم ڌڻي حوالي ڪيو پريس ڪلب راڻيپور 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو جڏھن ته راڻيپور جي مختلف پريس ڪلب جي پڻ تعزيتي بيان جاري ڪيا ۽ سياسي شخصيت ايم اين اي مھرين ڀٽو صوبائي وزير اوقاف پير سيد احمد رضا شاھ ۽ ٻين چيو ته حفيظ الرحمان ھڪ سادگي پسند انسان دوست ھو
جنھن ڪيترن ئي مظلومن جو آواز اعلي اعوانن تائين پھچائي انھن کي انصاف ڏياريو سندس جي وڇوڙي جو تمام وڏو خال آھي جيڪو پورو نه ٿو ڪري سگھجي اھڙا انسان ورھن ۾ پيدا ٿيندا آھن ۽ ڪڏھن به نه وسرندا آھن سندس جي موت جي خبر تي قلمڪارن جو جيء جھري پيو مرحوم جي نماز جنازه دايو جعفر امام بارگاھ ۾ ادا ڪئي وئي
جنھن ۾ ضلع ڪائونسل جو ميمبر پير سيد احمد رضا شاھ ،پير سيد فياض حسين شاھ پير سيد آفتاب علي شاھ پير سيد فرزند علي شاھ سابق ڊي ايڇ او خيرپور رحمت الله سولنگي مظھر مسلم ماڊل اسڪول جو پرنسپال استاد غلام سرور ميمڻ ڊاڪٽر حسين گل سرڪي ، صحافي اڪبر شاھاڻي ، صوفي ياسين راڄپر ،رضا راڄپر قربان منگي گل حسن چانڊيو پاڪستان پريس ڪلب جو صدر سيد پياس علي شاھ گمبٽ بار جو صدر ايڊووڪيٽ فدا حسين ڄامڙو سرپرست اعلي وحيد علي سھتو صحافي فدا حسين سرڪي ، صحافي ناڪ رام سنيل ڪمار نٽار احمد ڀٽو علي مردا شاھاڻي امير يار شاھاڻي سميت معزر شھرين غلام حسين ملاح استاد اصغر جعفري حاجي رياضت ملاح ڪلاٿ مرچنڊ جو صدر جميل احمد گھانگھرو پڻ شرڪت ڪئي جڏھن ته پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.
جُون 13, 2023