سکر ۾ پوليس ۽ ڏوهارين  وچ ۾ مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ )سکر ۾ پوليس ۽ ڏوهارين  وچ ۾ مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ۔سکر پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي

 ته سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد راهوجا لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾  مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ دلبر لاشاري نالي هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار جي قبضي مان  موٽرسائيڪل ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته ساٿي فرار ٿي ويا،

گرفتار ڏوهاري  چوري، ڦر، ڌاڙن سميت ڪيترن ئي سنگين وارداتن ۾ پوليس کي گهربل هو، اهڙي طرح ريلوي هيڊڪوارٽر اي سيڪشن ٿاڻي جي  پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ بين الصوبائي ڪارون چوري ڪندڙ گروهه جو مک جوابدار غلام مرتضيٰ رند کي زخمي ٿي پيو کيس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري چوري ٿيل ڪار سميت هٿيار هٿ ڪيا ويا آھن،

جڏهن ته ڌاڙيل جا 3 ساٿي فرار ٿي ويا، ڪارروائي دوران 3 چوري ٿيل ڪارون هٿ ڪيون ويون. گوليمار شهر جي مختلف علائقن مان چوري ٿيل موٽرڪارن موٽرسائيڪل ڦر، چوري، پوليس مقابلن سميت ڪيترن ئي سنگين وارداتن ۾ گهربل هو، زخمي ٿيلن کي طبي امداد ڏيڻ لاء سول اسپتال منتقل ڪيو ويوآھي۔

جُون 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو