سکر : پيپلز ليبر بيورو سٽي ۽ ضلعي جو گڏيل اجلاس ٿي گذريو
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) پيپلز ليبر بيورو سکر سٽي ۽ ضلع سکر جو ھڪ گڏيل اجلاس پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي نائب صدر سيد قطب علي شاهه جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو اجلاس ۾ پيپلز ليبر بيورو ضلعي سکر جي صدر جاڳڻ خان ايري سٽي سکر جي صدر لالا سيف الرحمان خان جنرل سيڪريٽري علي مردان شيخ انفارميشن سيڪريٽري جمال نوناري نائب صدر زبير احمد ڀيو تاج محمد خاڪي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ذاھد حسين لاشاري ڊپٽي جنرل سيڪريٽري گلزار احمد چانڊيو فنانس سيڪريٽري عاشق علي ڪورائي ۽ سٽي سکر جي عھديدارن ۾ جنرل سيڪريٽري آغا بشير ترين سينيئر نائب صدر نياز احمد شيخ نائب صدر شفع الله ڪلوڙ لعل بخش چاچڙ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علي بخش رڏ انفارميشن سيڪريٽري علي حسن منگي جوائينٽ سيڪريٽري محمد ايوب شر ميڊياڪو آرڊينيٽر سکر سٽي امداد علي ڪلوڙ فنانس سيڪريٽري حبيب الله پنھور پڻ شرڪت ڪئي اجلاس ۾ پيپلز ليبر بيورو سکر ڊويزن جي صدر غلام اڪبر سارنگ چانڊيو جي مرحوم ڀاء جي گھران ان جي نياڻي جي ڏاج سميت تقريباً ٻارھن لکن جي چوري ٿيڻ تي انتھائي افسوس ۽ ساڻس سان يڪجھتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ ايس ايس پي سکر پاران تدارڪ نه ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ سکر جي چونڊيل نمائندن کان پڻ مطالبو ڪيو ويو ته ايس ايس پي سکر کي پابند بڻايو وڃي ته ھو جلد از ڊويزنل صدر محترم غلام اڪبر سارنگ چانڊيو جي مرحوم ڀاء جي گھران ٿيل چوري ريڪور ڪرائي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري نه ته ٻي صورت ۾ پيپلز ليبر بيورو جا عھديدار ۽ ورڪر پنهنجي ايندڙ لاء عمل جو اعلان ڪندا ۽ ڀرپور احتجاج ڪندا
جُون 13, 2023