سکر: لاشاري برادري پاران پوليس جي جڙتو مقابلي خلاف احتجاجي مظاھرو
سکر( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) ٻٻرلو جي رهواسي لاشاري برادري پاران روهڙي پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ پورهيت دلبر لاشاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف سکر پريس ڪلب ٻاهران ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪري روهڙي پوليس جي ڄاڻايل عمل خلاف نعري بازي ڪئي
ان موقعي تي مظاهرين الاهي بخش لاشاري۔جمال دين ۔خادم حسين۔غفار لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته آغا قادرداد زرعي مارڪيٽ جي پوليس چوڪي انچارج ست جون تي ڪاٺين جي مڏي تان پورهيت دلبر پٽ پيرل لاشاري کي گرفتار ڪيو هو
روهڙي ٿاڻي جي پوليس پورهيت جي آزادي لاء رشوت گهري هئي رشوت نه ڏيڻ تان گزريل رات سکر پوليس پورهيت دلبر لاشاري کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪري گرفتار ڪيو آھي۔مظاهرين آء جي سنڌ ۔ڊي آء جي سکر ۽ ٻين اختيارن کان ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪري گرفتار ڪيل پورهيت دلبر لاشاري خلاف داخل ڪيس ختم ڪرائي پورهيت کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔
جُون 13, 2023