سيوھڻ: ڪيميڪل مليل کير جي وڪرو، شھرين پاران قدم کڻڻ جو مطالبو
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوهاڻي) سيوھڻ شھر ۾ ڪيترن ھنڌن تي جيڪو کير وڪرو ڪيو پيو وڃي ان ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ت ان کير ۾ زھريلو ڪيميڪل ملايو پيو وڃي،
جيڪو کير ۾ ڪيميڪل ملايو پيو وڃي, اھو کير وانگي اڇو آھي، کير وارو اڇو زھر چرس کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آهي، ان کير کي سيوھڻ شھر جا رھواسي واپرائي رھيا آھن،
سيوھڻ شھر ۾ ڪيميڪل ملايل کير وڪرو ڪندڙن جي خلاف تعلقه انتظاميه سيوھڻ ڪوب قدم ن کڻي رھي آھي، ڪيميڪل ملايل کير وڪرو ڪندڙن جي خلاف قانوني قدم کنيو وڃي ۽ ان ڪيميڪل وارو کير وڪرو ڪندڙن تي ڏنڊ وڌو وڃي،
۽ اھڙو ڪيميڪل ملايل کير وڪرو ڪندڙن جون جائيداد ضبط ۽ عمر قيد سزا ڏني وڃي سيوھڻ شھر جي سڄاڻ ڌرين کي گھرجي ت ڪيميڪل وارو کير وڪرو ڪندڙن ۽ کير ۾ پاڻي ۽ ڪيميڪل ملاوٽ ڪندڙن خلاف آواز اٿاريو وڃي.
جُون 13, 2023