سيوھڻ شھر ۾ واٽرسپلاءِ اسڪيم جي پاڻي جي کوٽ برقرار، شھري پريشان

Spread the love

سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوهاڻي) سيوھڻ شھر ۾ واٽرسپلاء جي پاڻي جي کوٽ برقرار سيد مراد علي شاھ .وڏي وزير سنڌ جي پنهنجي تڪ جي وڏي ۾ وڏي شھر سيوهڻ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيء جو بحران ختم نه ٿي سگهيو،  سيوھڻ شھر جا شھري سخت پريشان ، سيوھڻ شھر ۾ واٽرسپلاء جي پاڻي جي شديد کوٽ ٿي ويئي،

 ھن ڪھر جھڙي گرمي ۾ سيد مراد علي شاھ جا ووٽر پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء تڙپي رھيا آھن، ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جو ايڊمنسٽريٽر جيڪو   اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ پڻ مقرر ٿيل آھي،

 پر ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي  ايڊمنسٽريٽر سيوھڻ جي شھرين کي واٽرسپلاء جو  پاڻي پھچائڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي ويو آھي،

 سيوھڻ شھر ۾ پاڻي جي کوٽ جي خلاف سيوھڻ شھر جي سڄاڻ ڌرين اڄ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ جي   آفيس اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئي، علامتي بک ھڙتال تي ويٺل شھر سيوھڻ جي سڄاڻ ڌرين پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا نعرا پڻ  ھڻندا رھيا.

جُون 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو