سيوھڻ : سياسي، سماجي ۽ مذھبي ڌرين پاران ٻئي ڏينھن بھ علامتي بک ھڙتال

Spread the love

سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوهاڻي) سيوھڻ شھر جي سياسي سماجي ۽ مذھبي سڄاڻ ڌرين پاران اڄ ٻئي ڏينھن ب اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ جي آفيس جي اڳيان علامتي بک ھڙتال جاري،

تفصيل موجب سيوھڻ شھر ۾ گذريل ڪيترن سالن کان سيوھڻ شھر جي رھواسين کي پھرين پبلڪ ھيلٿ کاتي ۽ ھاڻي ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ طرفان پيئڻ جو صاف پاڻي صحيح نموني ن پھچائي سگھيا آھن

جڏھن ت اڳ ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتي کي واٽرسپلاء اسڪيم کي ھلائڻ لاء ڪروڙين روپيه ٽ ماھي جا سنڌ گورنمنٽ طرفان پيسہ ملندا ھئا،

 ۽ ھاڻي اھا  ڪروڙين روپيه رقم ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ کي ملي رھيا آھن، ان رقم ملڻ جي باوجود ب  ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي انتظاميه سيوھڻ شھر جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪري ڏيئڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي ويئي آھي،

سيوھڻ ميونسپل ڪاميٽي جو جيڪو ايڊمنسٽريٽر ڪيتري وقت کان مقرر ٿيل آھي، اھو آھي سيوھڻ جو اسسٽنٽ ڪمشنر پڻ مقرر ٿيل آھي، جڏھن ت روينيو جا آفيسر جيڪي تعلقي جا مالڪ سڏبا ھئا اھي ھاڻي سيوھڻ شھر جي رھواسين کي ب پيئڻ جو پاڻي ب صحيح نموني ن پھچائي رھيا آھن،

ان جي ڪري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي پنھنجي  چونڊ تڪ سيوھڻ ۾  گذريل ڪيترن سالن کان صاف پيئڻ  جي پاڻي کان محروم صاف پيئڻ جي پاڻي جي حاصلات لاء سيوھڻ جي اڃايل عوام روڊن تي نڪري پئي سيوھڻ تعلقي جي وڏي ۾ وڏي آفيسر  اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ جي آفيس آڏو علامتي بک ھڙتال ٻئي ڏينھن ب ڪيمپ قائم ڪري ويھي رھيا،

سيوھڻ جي عوام پاران  احتجاجن جو سلسلو مجبور ٿي شروع  ڪيو آھي ۽ شهري روڊن تي نڪري آيا سيوھڻ جي عوام سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ سردار سڪندر خان راھپوٽو ايم اين اي ضلع ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آھي ت خدارا سيوھڻ جي عوام کي پيئڻ جو پاڻي ميسر ڪرائي ڏياريو، ۽ سيوھڻ شھر جي عوام جي ھي جائز مسئلو حل ڪرايو.

جُون 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو