سنڌي قوم کي ترقي لاءِ تعليم تي ڌيان ڏيڻو پوندو: محمد خان ابڙو

Spread the love

 سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ )اسان کي معاشري جي بھتري ۽ سنڌ جي ترقي لاء سچ لکڻ ۽ سچ ڳالھائڻ گھرجي. سنڌي قوم کي ترقي جي ميدان ۾ اڳتي اچڻ لاء تعليم طرف اڳڀرو ٿيڻو پوندو.

اھڙو اظھار نامياري دانشور  محمد خان ابڙي پنھنجي ڪتاب جي مھورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سکر پريس ڪلب ۾ سماجي تنظيم اسٽيپ فائونڊيشن طرفان شائستا بلوچ ‚ اسد چاچڙ  جي ميزبانيءَ ۾ سنڌ جي نامياري ليکڪ، ڪالم نويس محمد خان ابڙي جي ڪتاب ” ڪنھن کي وڻي نہ وڻي ” جي مھورت تقريب ۽ ليکڪ محمد خان ابڙي سان ادبي رھاڻ رچائي وئي.

ھن پروگرام ۾ اديبن، شاعرن ۽ سماج سڌارڪ شخصيتن پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي. محمد خان ابڙي جي شخصيت ۽ ڪتاب تي قومي شاعر رکيل مورائي، ڊي اي او سيڪنڊري اسڪول، حافظ شھاب الدين انڍڙ، سماجي اڳواڻ رفيق احمد سومرو، شاعر اسد چاچڙ ـ شاعر بيخود بلوچ، اسٽيپ فائونڊيشن چیئرپرسن شائستا بلوچ ـ ثمرين نجيب لاکو، انسپيڪٽر زھرا شاھ،

شاعر ناصر چاچڙ، اي سي مرتضا گھانگھرو ، سيد محمود شاھ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ اسان جي اديبن شاعرن طرفان حق سچ لکڻ سان بھتري اچي سگھي ٿي. پر ان سان تڪليفن جو منھن ڏسڻو پوي ٿو. محمد خان ابڙو سنڌ جو درد رکندڙ ڪردار آھي.

جنھن وس آھر غريب ماروئڙن جي ھڙان وڙان خدمت ڪئي آھي. پروگرام ۾ ليکڪ محمد خان ابڙي کي مڃتا شيلڊ پڻ ڏني وئي. پروگرام ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتون شريڪ ٿيون.

جُون 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو