سامونڊي طوفان اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو، اورماڙا ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل

Spread the love

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) گوادر جي علائقي اورماڙا ۾ سامونڊي طوفان بپر جواءِ اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اورماڙا ۾ سامونڊي ڇوليون سمنڊ ڀرسان روڊ تائين پهچي رهيون آهن، جڏهن ته سامونڊي پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ به داخل ٿي ويو آهي.

هوڏانهن طوفان جي خدشي سبب ڪيٽي بندر جي مهاڻن پنهنجون ٻيڙيون بيهاري ڇڏيون آهن، بدين مان به مهاڻن جي واپسي شروع ٿي وئي آهي.

جُون 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو