روهڙي: 12 ورهين جي نينگري سان زيادتي ناهي ٿي: وڪيل محمد علي شاھ

Spread the love

روھڙي  (رپورٽ: علي خان چنجڻ)روهڙي ريلوي اسٽيشن ڀرسان سلطان شاھ ڪالوني جي رهواسڻ 12 ورهين جي نينگري سان زيادتيءَ وارو مارو، ميڊيڪل رپورٽ منظر عام تي اچي وئي، نينگري مسڪان سان ڪنهن به قسم جي زيادتيءَ ناهي ٿي نينگري ڪنواري آهي،

ميڊيڪل رپورٽ، اهو سمورو ڊرامو سماجي تنظيم جي عورت ۽ نينگري جي پيءُ جو رچايل آهي، اسان جو حق آهي ته هن عورت خلاف قانوني ڪارروائي ڪريون، نينگريءَ سان مبينا زيادتيءَ جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل جوابدار جي وڪيل محمد علي شاھ جي پريس ڪانفرنس تفصيل موجب روهڙي ريلوي اسٽيشن ڀرسان سلطان شاھ ڪالوني ۾ 12 ورهين جي نينگريءَ مسڪان يوسفزئي سان مبينا زيادتيءَ وارو ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي

 ڇوڪري جي جسم تي نه ته تشدد جا نشان آهن ۽ نه ئي ڪو ثبوت ملي سگهيو آهي مسڪان ڪنواري آهي روهڙي تعلقي اسپتال جي عورت ميڊيڪل آفيسر پنهنجي رپورٽ ۾ اهي ٽي نقطا بيان ڪيا آهن جڏهن ته ٻئي طرف محمد عقيل راجپوت جي وڪيل محمد علي شاھ روهڙي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي

ته اڄ منهنجي موڪل کي پوليس روهڙي جي سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جتي پوليس وڌيڪ رمانڊ جي درخواست ڪئي پر جوابدار جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد معزز جج محمد عقيل کي جيل موڪلي ڇڏيو هن چيو ته سماجي تنظيم هلائيندڙ عورت ذاتي دشمني سبب معصوم نينگريءَ ۽ هڪ شريف ڪاروباري شهري عقيل راجپوت جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي

 اين جي اوز کي گهرجي ته برائي جو خاتمو آڻين مان لاڳاپيل ادارن کي گذارش ڪئي آهي ته ان معاملي کي سنجيدگي سان ڏسن ته بنا جاچ جي ايف آءِ آر ڪيئن داخل ڪئي وئي ٻي طرف نينگريءَ سان زيادتيءَ الزام هيٺ گرفتار ڪيل جوابدار عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان ملڪ جي قانون ۽ عدالتن تي يقين رکان ٿو مان بيگناهه آهيان

 مون سان انصاف ڪيو ويندو ٻئي طرف ڇوڪري جي والد ٻڌايو ته ڊاڪٽرن رشوت وٺي ميڊيڪل رپورٽ تبديل ڪري ڇڏي آهي ميڊيڪل رپورٽ کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين.

جُون 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو