روهڙي: ڪوري برادري جي ماڻهن جو پوليس ۽ بااثر ماڻهن خلاف احتجاج

Spread the love

روهڙي  (رپورٽ: علي خان چنجڻ)روهڙي ۾ ڪوري برادري جي ماڻهن جو عورتون ۽ معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري قرآن پاڪ ھٿن ۾ کڻي ٻٻرلو پوليس ۽ بااثر ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو 15 ڏينهن کان اسان جي معصوم نياڻي اغوا ٿي وئي آهي واقعي جو ڪيس به داخل ڪرايو آهي،

ان باوجود پوليس اسان جي ڪابه مدد نه ٿي ڪري  نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي، تفصيل موجب  ٺيڙهي جي علائقي ڳوٺ لولائي ۾ رھندڙ ڪوري برادري جي ماڻهن وزير علي ڪوري جي اڳواڻي ۾ روهڙي پنهنجن مائٽن وٽ پھچي عورتون ۽ معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري قرآن پاڪ ھٿن ۾ کڻي ٻٻرلو پوليس ۽ دميان برادري جي ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيون آهي

 ته 15 ڏينهن اڳ دميان برادري جي ماڻهن رات جي وقت گهر ۾ گهڙي اسان جي نوجوان نياڻي فرزانه عرف پوپري کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا آهن اھڙي واقعي جو ٻٻرلو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي، پر پوليس بااثر اغوا ڪار ماڻهن جي ونگار وھندي ھن محل تائين اسان جي نياڻي کي بازياب ناهي ڪرايو، ويتر بااثر جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي ڌمڪائي رھيا آھن،

اسان ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور ڏي قرآن پاڪ کڻي چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪوبه مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي اسان جي نياڻي بازياب ڪرائي اسان کي بااثر ڌر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ ۽ انصاف ڏياريو وڃي.

جُون 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو