روهڙي: نيويارڊ ڪالوني ۾ گهر کي باھھ، پيرسن عورت سڙي فوت

Spread the love

روهڙي (رپورٽرعلي خان چنجڻ)روهڙي جي نيويارڊ ڪالوني ۾ گهر ۾ باھ لڳي وئي گهر ۾ موجود اڪيلي پيرسن عورت سڙي فوت ٿي وئي گهر ۾ رکيل سمورو سامان بہ سڙي رک، تفصيل موجب روهڙي جي نيويارڊ ڪالوني واري علائقي ۾ 85 سالن جي پيرسن عورت مسمات پروين راجپوت گهر ۾ اڪيلي ھئي

 تہ اوچتو گهر ۾ باھ لڳي وئي، ۽ گهر ۾ رکيل الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو، پيرسن عورت جي وڏي پٽ محمد سليم راجپوت جو چوڻ هو تہ باھ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان لڳي يا  پيرسن  امڙ سگريٽ بہ پيندي ھئي يا سگريٽ مان لڳي ڪائي خبر نٿي پوي

 امڙ گهر ۾ اڪيلي ھئي، خبر نٿي پوي تہ واقعو ڪيئن پيش آيو آهي، اسان کي جئين خبر پئي تہ فوري طور فائير برگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو پر افسوس فائير برگيڊ عملي اچڻ ۾ دير ڪئي ۽ سڀ ڪجھ سڙي رک ٿي ويو، ھوڏانھن اھڙي واقعي بعد علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو آهي ۽ پيرسن عورت جي گهر ڪھرام متل ھو.

جُون 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو