دادو:  ايس ايڇ او پوليس جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون، سخت ھدايتون جاري

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او علي اڪبر چنا پوليس جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون اي سيڪشن ٿاڻي تي ٿيندڙ رولڪار جو معائنو ڪري   پوليس اھلڪارن کي ڊيوٽي ڪرڻ جون سخت ھدايتون ڏيندي

  چيو ته سمورو اسٽاف پنهنجو ٽرن آئوٽ بھتر رکڻ جي ڪوشش ڪري ڊيوٽي پوائٽن تي چست رھڻ ۽ مشڪوڪ ماڻھن تي ڪڙي نظر رکڻ چيڪنگ دوران چوراھن تي تيز رفتار ون ويلنگ ڪندڙ اوباش موٽر سائيڪلون ھلائيندڙ نوجوانن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪرڻ،

 منشيات فروش ۽ سماجي برايون ڦھلائيندڙ عناصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جون ھدايتون ڏنيون ۽ سٽي ايريا جي مک چونڪن گھٽين ۽ ٻين جاين تي پوليس پڪٽون لڳائي شھر کي ڏوھارين جي آمد رفت ۾ رنڊڪون وجھي سٽي کي سيل ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون

 ۽ موٽر سائيڪل گشت وڌائي امن امان جي بحال جون ھدايتون ڏنيون ان موقعي تي ڊپلامينٽ انچارج عالم ميڻو وڏو منشي غلام شبير پنھور ۽ ٻيا اھلڪار ساڻس گڏ ھئا.

جُون 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو