بجلي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت بجلي هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگي ڪري ڇڏي، بجلي اگهن ۾ هڪ رپيو 61 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.
نيپرا بجلي اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب اگهن ۾ واڌ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي اگهن ۾ واڌ هلندڙ مهيني جي بلن تي لاڳو ٿيندي، اها واڌ لائف لائن واهپيدارن کانسواءِ سڀني تي لاڳو ٿيندي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ واهپيدار آجا هوندا.
