9 مئي واقعي ۾ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي: عبدالرحمان ثاقب

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ )سکر جي علماء و مشائخ  اڳواڻن عبدالرحمان ثاقب۔علامه عبدالستار بروھي۔شڪيل احمد شيخ ۽ ٻين چيو آھي ته 9 مئي وارو واقعو دل ڏکوئيندڙ آھي واقعي ۾ ملوث هر هڪ کي فوجي عدالتن ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن ٻيهر ڪنهن ۾ جرئت پيدا نه ٿي سگهي

 اهڙو اظهار هنن سکر پريس ڪلب ۾ علماء و مشائخ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو مذھبي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي ايجنڊا تحت قومي سلامتي ادارن خلاف پروپيگنڊا ڪري ملڪ ۾ انتشار کي ڦھلائڻ جي ناڪام سازش ڪئي وئي سيڪوري ادارن جي سربراهن کي اپيل ٿا ڪريون ته ملوث ڪردارن کي وائکو ڪيو وڃي

 ملڪ جي مذھبي اڳواڻن سميت سياستدان به پاڪ فوج سان گڏ آھن۔اڳواڻن چيو ته ملڪ مان مذھبي نفرتن واري سياست جو خاتمو ڪرڻ ضروري آھي اسان جي پياري نبي صلي الله عليه وصلم۔اهلبيت ۽ اصحاب رسول لله جي شان ۾ ڪوبه مسلمان گستاخي برداشت نه ڪري سگهندو اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سمورين سياسي ۽ مذھبي جمائتن جا  اڳواڻ گڏجي ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل تلاش ڪن عدم برداشت واري رجحان جي خاتمي لاء ڪردار ادا ڪيو وڃي

 جڏهن ته اعلي سياسي ۽ مذھبي قيادت  امن ۽ استحڪام لاء اتحاد وارو رستو اختيار ڪن۔ مذھبي اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مذھبي عالمن کي  ذميواري جو مظاهرو ڪندي نوجوانن جي صحي ذھن سازي ڪن ته جيئن معاشري مان سماجي براين جو خاتمو اچي سگهي۔ههن چيو ته ملڪ جي سيڪورٽي ادارن سان يڪجهتي ڪرڻ ضروري آھي ۔ان موقعي شاھد صديقي۔فيصل مغل۔خطيب الله شيخ۔عبدالوهاب چنه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو