گهوٽڪي: خير محمد پتافي واسين پاران مطالبن جي حق ۾احتجاجي مظاهرو
گهوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) ميرپورماٿيلو؛ ڳوٺ خير محمد پتافي جا رھواسين پاران ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو، علائقي جي بااثرن عباس پتافي ، رمضان، عرفان پتافي وارن اسان جي ھڪ ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪيو آهي،
وسوارا مدد ڪن، اڳواڻ تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ويجھو ڳوٺ خير محمد پتافي جا رھواسي ياسين پتافي، بچل پتافي، مسمات مجيدان پتافي ميرپورماٿيلو پهچي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو
ان موقعي تي هنن الزام هڻندي چيو ته جوابدار عباس پتافي، رمضان، عرفان پتافي وارن اسان جي ھڪ ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪيو آهي جنھن جو کاتو اسان وٽ موجود آھي اسان جي پوليس به مدد نه ٿي ڪري هنن وس وارن کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي.
جُون 11, 2023