ڪشمور: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاھرو

Spread the love

ڪشمور (رپورٽ: طلعت نظير دايو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڊويزنل سيڪريٽري حضرت الله مزاري ۽ سندس ڀاء افسر علي مزاري مٿان ڦورن هٿان  قتل ٿيل اصغر مزاري جي قتل ۾ نالو شامل ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي قومي عوامي تحريڪ۔ عوامي ورڪرز پارٽي۔ ن ليگ۔ شهري ايڪشن ڪاميٽي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن شاد کوسو۔ هدايت الله جکراڻي ۔سيف الله ڪلوڙ۔ جاويد گبول۔ شاه گل مزاري۔ جاويد کوسو ۔ضمير چنو۔ حميد کوسو۔ احسان الاهي ڄامڙو۔راڻا غفار۔ مظهر چاچڙ۔ گل  سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نادرا چوڪ کان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور تائين احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گڊو پوليس ڀوتارن جي اشاري تي سياسي انتقام طور هڪ منظم سازش تحت حضرت الله مزاري ۽ سندس ڀاء کي ڦاسايو پيو وڃي جنهن سازش کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو۔ هنن گهر ڪئي ته واقعي جي فرض شناس آفيسرن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي اڻ ڌري جاچ ڪري ايس يو پي اڳواڻ حضرت الله مزاري ۽ سندس ڀاء سان انصاف ڪيو وڃي۔

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو