پيرسن غلام نبي سولنگي جي دادرسي لاءِِ ايس ايس پي سندس گھر پھتو

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) ٿرڙي جادو شھيد واسي پيرسن تي تشدد وارو معاملو.. پيرسن غلام نبي سولنگي جي دادرسي لاءِ ايس ايس پي دادو سندس جي گھر پھچي ويو.ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو متاثر  پيرسن وٽ سندس جي ڳوٺ ٿرڙي جادو شھيد پھچي سندس عيادت ڪئي ۽ کائنس واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا، ياد رھي ته متاثر ڌر برادريءَ جي چوڻ تي جوابدارن سان راضي نامون ڪيو ھيو

 ۽ پوليس کي قانوني ڪاروائي ڪرڻ کان روڪيو ھيو، ايس ايس پي دادو متاثر ڌر کي جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرائڻ لاءِ ھمٿايو ۽ اھو کين چيو ته ذميوارن خلاف قانوني ڪاروائي ٿيڻ سان اھڙي عمل ڪرڻ وارن جي حوصلا شڪني ٿيندي،  ايس ايس پي دادو پيرسن ۽ سندس وارثن کي انصاف ڏيارڻ ۽ قانوني تحفظ فراھم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي،

ايس ايس پي جي حوصلي ڏيڻ بعد متاثر ڌر فريادي بڻجي جوابدارن خلاف ٿرڙي جادو شھيد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آھي پوليس وڌيڪ ڪارروائي ڪري نامزد جوابدارن منجھان ھڪ جوابدار حاڪم شاھي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏھن تہ وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لا۽ ڇاپا جاري آھن.

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو