ٽيوشن تان گھر موٽندڙ شاگردياڻي سان زيادتي
حافظ آباد (ويب ڊيسڪ) حافظ آباد جي علائقي سوئيانوالا ۾ يارهين جماعت جي شاگردياڻي سان 3 جوابدارن مبينا زيادتي ڪئي آهي.
پوليس موجب شاگردياڻي جي پيءُ جي فرياد تي ٻن عورتن سوڌو پنجن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ڪارروائي ڪندي مرڪزي جوابدار ۽ سهولتڪار ٻن عورتن کي گرفتار به ڪري ورتو آهي.
پيءُ پوليس کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو ته ڌيءَ ٽيوشن تان گھر موٽي رهي هئي، جوابدارن ٻن عورتن جي مدد سان کيس اغوا ڪيو.
پوليس اختيارين موجب شاگردياڻي ۽ گرفتار ڪيل جوابدار جو ڊي اين اي ڪرايو ويوآهي جڏهن ته ٻين ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اسپيشل ٽيم جوڙي وئي آهي.
