ملڪ جو 10 ڪروڙ عوام غربت ليڪ کان هيٺ هليو ويو آهي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري اڳوڻي وزير حفيظ پاشا چيو آهي ته ملڪ ۾ 10 ڪروڙ عوام غريب جي لڪير کان هيٺ اچي چڪو آهي.

اڳوڻي ناڻي واري وزير حفيظ پاشا خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ 10 ڪروڙ ماڻهو غريب جي ليڪ کان هيٺ وڃي چڪا آهن. پاڪستان جي ناڻي جا مٽا سٽا وارا ذخيرا 4 ارب ڊالرن کان به هيٺ هليا ويا آهن. بجيٽ ۾ ناڻي واري زوير اسحاق ڊار طرفان ڪو پلان يا اسٽريٽجي ناهي ڏني وئي.

سندس چوڻ هو ته بجيٽ جنهن انداز ۾ پيش ڪئي وئي هئي ته پاڪستان جي ماڻهن کي مطمئن ڪيو ويندو، اسان اميد ڪريون پيا ته اسحاق ڊار شروعات ۾ ئي ٻڌائيندو ته اسان ڏيوالي جي دلدل مان نڪري چڪا آهيون کيس بجيٽ جي شروعات ۾ ئي اسٽريٽجي يا ڪو پلان پيش نه ڪيو هو پر ائين نه ٿيو.

حفيظ پاشا چيو ته ناڻي واري وزير کي پاڪستان جي واپارين ۽ ڪاروبارين کي مطمئن ڪرڻ گھرجي ها، بجيٽ دستاويز ۾ جيڪو ڪجهه ٻڌايو ويو گھٽ ۾ گھٽ ان بابت عوام کي ته آگاهه ڪرڻ گھرجي ها.

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو