دادو: پير مجيب الحق پاران چونڊيل ڪائونسلرن سان ملاقاتون

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) پاڪستان پيپلز پارٽي ايم پي اي بئريسٽر پير مجيب الحق تعلقه ميونسپل چيئرمين پيردانش علي گڏجي مختلف علائقن جي چونڊيل ڪائونسلرن وٽ پهچي ملاقاتون ڪيون ميراڻي هائوس تي پهچي ميونسپل ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين خالد حسين ميراڻي سان ملاقات ڪئي،

 هوڏانهن وارڊ نمبر 15 جو ڪامياب اميدوار ڪائونسلر حبيب الرحمان لغاري سان لغاري هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جڏھن ته وارڊ نمبر 14جي ڪامياب اميدوار ڪائونسلر رفيق احمد ميراڻي سان ميراڻي  هائوس نجم ڪالوني ۾ ملاقات ڪئي،

هوڏانهن وارڊ نمبر 22 جي ڪامياب اميدوار ڪائونسلر حاجي لياقت علي سومرو وٽ پهچي ساڻس ملاقات ڪئي،هوڏانهن وارڊ نمبر 20 جي ڪامياب اميدوار ڪائونسلر محمد اقبال عرف ڳاڙهو سولنگي ۽ وڏيرو اختيار سولنگي وٽ پهچي ساڻن ملاقات ڪئي، جڏھن ته وارڊ 19 جي ڪامياب اميدوار ڪائونسلر رياض گوپانگ سان  ملاقات ڪئي,

ان موقعي تي ڪائونسلرحاجي لائق سولنگي،  ڪائونسلر حبيب الرحمان ڪوريجو، ڪائونسلر اختر ميمڻ، ڪائونسلر سعيد ملاح، ڪائونسلر قربان چانڊيو، اسٽاف آفيسر امداد حسين ڏاوڇ فوڪل پرسن شھمير خان چهواڻ احمد نواز سولنگي، نظير قمبراڻي، رياض ڏاوڇ، اسلم چهواڻ، مجيب الرحمان ميمڻ، پير عامر، ورڪر محمد خان ڀنڊ، طاهر حسين لغاري ۽ ٻيا پارٽي ورڪر سپوٽر موجود هئا،

 ڪائونسلرن ۽ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ايم پي اي بئريسٽر پيرمجيب الحق ۽ منتخب ميونسپل ڪاميٽي دادو چيئرمين پير دانش علي چيو ته اسان سڀني پارٽي اڳواڻن، ورڪرن ۽  محبت ڪندڙ دادو جي رهواسين جا دل جي گھرائين سان شڪرگذار    آھيون،

جن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت طرفان اسان جي خاندان تي ڀرپور اعتماد ڪري ميونسپل ڪاميٽي دادو جي لاءِ نامزد ڪيل چيئرمين پير دانش علي ۽ ايم پي اي دادو بئريسٽر پير مجيب الحق جو پير شاخ دادو پھچڻ تي شاندار استقبال ڪري دادو جي پير خاندان سان پنھنجي محبت جو ثبوت ڏنو آهي، پير خاندان ھميشہ دادو جي خدمت ڪئي آھي ۽ ھينئر بہ دادو جي  خدمت ۾ اڳڀرا ھونداسين، .

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو