گھوٽڪي: پيپلزپارٽي جي نامزد اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا
گھوٽڪي (رپورٽ: محمد امین سومرو ) پاڪستان پيپلز پارٽي پاران نامزد ڪيل ضلعي ڪائونسل گهوٽڪي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، ضلعي چيئرمين بنگل خان مهر ۽ وائيس چيئرمين مير بابر علي خان لُنڊ وڏي قافلي سان اليڪشن ڪميشن آفيس پهتا،
وڏي جوش ۽ جذبي سان استقبال ۽ گلن جي پُڻ ورکا ، ٻنهي اميدوارن جي سامهون ڪنهن به نامزدگي فارم جمع نه ڪرايو، ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين بنگل خان مهر ۽ وائيس چيئرمين مير بابر علي خان لنڊ بنا مقابلي چونڊيا ويا، ميرپور ماٿيلو ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين لاءِ مير شهباز خان لُنڊ ۽ وائيس چيئرمين خالد مغل به فارم جمع ڪرايا پر انهن جي مقابلي ۾ ڪنهن به اميدوار فارم جمع نه ڪرايا ۽ ٻئي اميدوار بنا مقابلي چونڊجي ويا تفصيل موجب پاڪستان پيپلز پارٽي پاران نامزد ڪيل ضلعي ڪائونسل گهوٽڪي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن،
ضلعي چيئرمين بنگل خان مهر ۽ وائيس چيئرمين مير بابر علي خان لُنڊ وڏي قافلي سان اليڪشن ڪميشن آفيس پهتا، جتي وڏي انگ ۾ ڪارڪنن سندن جو وڏي جوش ۽ جذبي سان استقبال ڪيو ۽ گلن جي پُڻ ورکا ڪئي ۽ جڏهن ته ٻنهي اميدوارن جي سامهون ڪنهن به نامزدگي فارم جمع نه ڪرايو، ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين بنگل خان مهر ۽ وائيس چيئرمين مير بابر علي خان لنڊ بنا مقابلي چونڊيا ويا،
هوڏانهن نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ هئي، پر ان باوجود سندن جي مقابلي ۾ ڪنهن به اميدوار فارم جمع نه ڪرايو ۽ سندس بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا، ٻي پاسي ميرپور ماٿيلو ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين لاءِ مير شهباز خان لُنڊ ۽ وائيس چيئرمين خالد مغل به فارم جمع ڪرايا پر انهن جي مقابلي ۾ ڪنهن به اميدوار فارم جمع نه ڪرايا
۽ بنا مقابلي تعلقه ميرپور ماٿيلو لاءِ چيئرمين مير شهباز خان لُنڊ ۽ وائيس چيئرمين خالد مغل چونڊجي ويا، جڏهن ته جڏهن ته ضلعي گهوٽڪي جي ٻين ميونسپل ڪميٽين ۽ ٽائون ڪميٽين جا اميدوار به بنا مقابلي چونڊجڻ جا امڪان آهن
جُون 11, 2023