کدڙن فقيرن پاران پوليس خلاف ڌرڻي جو اعلان
پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ کدڙن فقيرن پوليس خلاف سڀاڻي ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
چيئرمين ٽرانس ايڪشن الائنس فرزانا رياض هڪ وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته کدڙن فقيرن جي قتل ۽ انهن تي تشدد جي واقعن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي ۽ پوليس کدڙن فقيرن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام آهي.
هن چيو ته پوليس کدڙن فقيرن تي تشدد ڪندڙن سان مليل آهي جڏهن ته ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ۾ به کدڙن فقيرن کي کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته پوليس جي رويي خلاف سڀاڻي هاءِ ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو ڏينداسين جنهن ۾ سڄي صوبي جا کدڙا فقير شريڪ ٿيندا.
