ڏوڪري: پ پ پاران ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين لاءِ پرهه ڍڪڻ نامزد
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ٽائون ڪميٽي تي پيپلز پارٽي پاران چيئرمين پرهه ڍڪڻ ۽ وائيس چيئرمين لاءِ ايڊووڪيٽ قاضي ديدار جوڻيجو نامزد. تفصيل موجب ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي تي پيپلزپارٽي تعلقي ڏوڪري جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ سردار علي ڏنو خان گاڏهي جي صدارت هيٺ گاڏهي هائوس تي مشاورتي اجلاس ٿي گذريو،
جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽائون ڪاميٽي تي چيئرمين سيٽ تي اميدوار نوجوان عورت صدر پ پ پ ليڊيز ونگ تعلقي صدر پرھ ڍڪڻ ۽ وائيس چيئرمين تي اميدوار پ پ تعلقي ڏوڪري جو فنانس سيڪريٽري ايڊوڪيٽ قاضي ديدار احمد جوڻيجو کي نامزد ڪيو ويو آهي،
ان موقعي تي اجلاس ۾ پ پ اڳواڻ علي بخش ميتلو، ايڊوڪيٽ محمد جمن ٻگھيو، حبيب عالماڻي، قاضي جميل احمد جوڻيجو، رياض احمد ڀٽو، عبد الله ٿھيم، مينارٽي اڳواڻ انيل ڪمار، زاھد حسين سومرو ۽ ٻيا ورڪرس موجود ھئا.
جُون 11, 2023