ڏوڪري: عبدالحميد جيسر ۽ سيف الله سومرو چيئرمين ۽ وائس چيئرمين نامزد

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ٽائون ڪميٽي تي جي ڊي اي پاران چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين چيئرمين جو اعلان. چيئرمين لاءِ عبدالحميد جيسر ۽ سيف الله سومرو کي وائس چيئرمين لاءِ نامزد ڪيو ويو. ڏوڪري ٽائون جي 5 وارڊن مان 2 وارڊن تي پيپلزپارٽي ۽ 3 وارڊن تي جي ڊي اي کي ڪاميابي ملي هئي.خبر موجب.

 لاڙڪاڻي هيڊڪوارٽر جي ٽائون ڪميٽي ڏوڪري تي پيپلزپارٽي کي مات ڏيندڙ جي ڊي اي به چيئرمين لاءِ عبدالحميد جيسر ۽ وائيس چيئرمين لاءِ سيف الله سومرو کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي، ياد رهي ته پيپلزپارٽي 5 وارڊن مان 2 وارڊن تي پنهنجا اميدوار ڪامياب ڪرائي سگهي هئي،

3 وارڊن تي جي ڊي اي اميدوارن پيپلزپارٽي کي تاريخي شڪست ڏني هئي، جي ڊي اي مرڪزي اڳواڻ انڙ گروپ جي سرواڻ عادل الطاف حسين انڙ ۽ عدنان الطاف حسین انڙ پاران هڪ گڏجاڻي دوران اهو فيصلو ڪيو آهي ته ڏوڪري ٽائون ڪميٽي تي چيئرمين لاءِ حاجي عبدالحميد جيسر ۽ سيف الله سومرو کي وائس چيئرمين نامزد ڪيو ويو آهي.

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو