چوٽياريون لڳ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا
چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) چوٽياريون ويجهو شھر ٽنڊو مٺاخان لڳ ڳوٺ ڪمال فقير جانوري ۾ ڳاها برادري ۽ جانوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو جانوري برادري جا عورت سميت ٽي ماڻھو زخمي ۽ ڳاھا برادري جو هڪ ماڻھو زخمي زخمين کي سول اسپتال پهچايو ويو
خبر موجب ٽنڊو مٺاخان لڳ ڳوٺ ڪمال جانوري ۾ رات دير سان پلاٽ جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو جنھن سبب جانوري برادري جي ھڪ عورت سميت 2 ماڻھو محراب جانوري ۽ سندس پٽ ممتاز جانوري زخمي ٿي پيا جڏھن ته ٻي ڌر جو جانو ڳاهو زخمي ٿي پيو زخمين سندن وارث سول اسپتال سانگهڙ کڻائي ويا ممتاز جانوري ۽ محراب جانوري سميت جانوري برادري جي ماڻھن جو موقف آھي
ته جانو ڳاهو واري ڌر اسان تي حملو ڪيو آھي جڏھن ته جانو ڳاهو واري ڌر جو موقف آھي ته آئون پنهنجي گهر ڏانهن رستو وٺي ويس پئي ته رستي ۾ جانوري برادري جي ماڻھن مون تي حملو ڪيو آھي ٻئي طرف ڳوٺاڻن کان مليل ڄاڻ موجب ته ٻنهي ڌرين جو پلاٽ تان تڪرار هلندڙ آھي
جنهن تان اڳ ۾ ڏينهن جو به مذڪوره ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيل هو باقي راتوڪو واقعو بلڪل غلط فهمي تحت ٿيو آھي جڏھن ته ايس ايڇ او چوٽياريون اشرف زرداري صحافين پارن موقف پڇڻ تي ٻڌايو ته جهيڙي بعد ٻئي ڌريون چوٽياريون ٿاڻي تي آيون هيون اسان زخمين کي ليٽر جاري ڪري علاج لاء سول اسپتال سانگهڙ موڪليو آھي وڌيڪ قانون موجب ڪارروائي ڪنداسين.
جُون 11, 2023