ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو عالمي چيمپيئن بڻجڻ لاءِ ڀارت کي 280 رنسن، آسٽريليا کي 7 وڪيٽن جي ضرورت

Spread the love

اوول (ويب ڊيسڪ) اوول ۾ جاري آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ فائنل دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي ويو، ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو ورلڊ چيمپيئن بڻجڻ لاءِ ڀارت کي 280، جڏهن ته آسٽريليا کي 7 وڪيٽون گهربل آهن.

ٽيسٽ چيمپيئن شپ فائنل آسٽريليا ڀارت کي ڪاميابي لاءِ 444 رنسن جو هدف ڏنو، جواب ۾ ڀارت 3 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ ان کي وڌيڪ 280 رنسن جي ضرورت آهي.

ڀارت طرفان روهت شرما 43، شبمن گل 18 ۽ پوجارا 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿي ته ويرات ڪوهلي 44 ۽ رهاني 20 رنسن سان ڪريز تي موجود رهيا.

ان کان اڳ آسٽريليا پنهنجي ٻي اننگز 8 وڪيٽن جي نقصان تي 270 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي.

واضح رهي ته ڀارت ٽاس کٽي آسٽريليا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي، ڪينگروز پهرين اننگز ۾ 469 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڀارت پهرين اننگز ۾ 296 رنسون ٺاهيون هيون.

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو