وڳڻ: خاصخيلي برداري جي ماڻھن جو بااثر شخص خلاف احتجاجي مظاھرو
وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو) وڳڻ ۾ خاصخيلي برداري جي ماڻھن جو بااثر راشدي پيرن جي ناجائزين خلاف مک چوڪ کان سٽي پريس ڪلب وڳڻ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو،
خبر موجب وڳڻ ۾ خاصخيلي برداري جي ماڻھن مک چونڪ وڳڻ کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا سٽي پريس ڪلب وڳڻ پھتي جتي خاصخيلي برداري جي ماڻھن امتياز علي خاصخيلي، ضياءٔ الحق خاصخيلي، مظھر چانڊيو، ۽ ٻين دانھيندي چيو ته پير جي ڪوٽ جي بااثر راشدي پيرن ڳوٺ جي رھواسين جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي
راشدي پيرن نورالحق شاھ، ارشد شاھ ، اطھر شاھ ۽ اشرف شاھ راشدي اسان جي گھرن تي قبضو ڪري رھيا آھن گذريل برساتن ۾ اسان جا گھر ڊھي پيا جيڪي اسين ورائي اڏاوت ڪرائي رھيا ھئاسين تہ راشدي پيرن ڏنڊا بردار ماڻھن ساڻ ڪري اڏاوت ڪرڻ کان اسان کي روڪيو ته ھي پلاٽ اسان جا آھن اوھان کي اڏاوت ڪرڻ ڪون ڏينداسين جڏھن ته ھتي اسان 1947 کان اڳ ھن ڳوٺ ۾ آباد آھيون
ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ بااثر راشدي پيرن کان اسان کي جان جو خطرو آھي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ صدام حسين خاصخيلي ،ڊي ايس پي نصيرآباد ايٽ وڳڻ ،ايس او وڳڻ کي اپيل ڪيون ٿا تـ نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
جُون 11, 2023