مڙس ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي گهران ڪڍي ڇڏيو آھي: مسمات ميران

Spread the love

گھوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) سرحد ۾ وحشي مڙس ظلم جي انتها ڪري ڇڏي، پنهنجي گهر واري ستن ٻارن جي ماءُ کي ڪارپ جو بهتان هڻي گهران نيڪالي ڏئي ڇڏي، عورت پاران پنهنجي معصوم ٻارڙن سميت سرحد پريس ڪلب پهچي وئي،

اڀ ڏاريندڙ دانهون، مڙس عبدالطيف شر پنهنجي ئي برادري جي نوجوان سان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي گهران ڪڍي ڇڏيو آھي: مسمات مسمات ميران، تفصيل موجب سرحد ۾ وحشي مڙس ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، عبدالطيف شر پنهنجي گهر واري ستن ٻارن جي ماءُ ميران شر کي ڪارپ جو بهتان هڻي گهران گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، جنهن بعد عورت پاران پنهنجي معصوم ٻارڙن سميت سرحد پريس ڪلب پهچي وئي،

اُ۽ ڀ ڏاريندڙ دانهون پُڻ ڪيون، ان موقعي تي مسمات ميران شر ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي مڙس عبدالطيف شر پنهنجي ئي برادري جي نوجوان سان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي گهران ڪڍي ڇڏيو آھي، ۽ هاڻي وري منهنجو مڙس عبدالطيف شر مارڻ جي ڪوشش ۾ آھي ۽ منهنجي جان جو پُڻ خطرو آهي، هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کي تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو