ملڪيت جي لالچ، پٽن هٿان پيءُ قتل

Spread the love

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ ملڪيت جي لالچ۾ پٽن فائرنگ ڪري پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب مدينا ٽائون جي علائقي هاڪي اسٽيڊيم ڪار مارڪيٽ ۾ مقتول ڪرامت علي پنهنجي دڪانن جو ڀاڙو وصول ڪرڻ پهتو ته سندس ٻن پٽن اتي اچي هن تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا.

پوليس موجب مقتول پنهنجي ٻنهي پٽن مدثر ۽ اسد کي زمين ڏئي ڇڏي هئي، پٽ دڪان ۽ ٻي ملڪيت به وٺڻ چاهين پيا جنهن جي تڪرار تي پٽن کيس قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو