ملير: پوليس ڪارروائي ڪري اسٽريٽ ڪرمنل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو
ملير (ڪرائيم رپورٽ: نادر وسير) ملير شرافي ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ اسٽريٽ ڪرمنل رھگير محمد اعجاز کان ڦر ڪرڻ دوران پوليس ڪارروائي ڪندي ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته، موقعي تي ٽي ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
شرافي ڳوٺ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ھڪ ڦورو شان علي کي ڦر ڪندي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته سندس ٽي ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويا گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ محمد شان طور ٿي آهي گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 10 موبائيل فون، هڪ ليپ ٽاپ، 4 واچون، مختلف پرس، نقدي ۽ 1 پستول 30 بور هٿ ڪيو ويو آهي
جوابدار 50 کان وڌيڪ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي جوابدار اڳ به ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث رھي چڪو آهي ۽ جيل به ويو آهي جوابدارن مٿان چوري ۽ غير قانوني هٿيارن جا ڪيترائي ڪيس داخل آھن، ء جاچ ھلندڙ آهي.
جُون 11, 2023