ملير: بحريا ٽائون پاران ٻيھر ڳوٺاڻن جا لنگھھ بند، علائقي واسين جو احتجاج

Spread the love

ملير (ڊر) بحريا ٽائون هڪ ڀيرو ٻيهر ڳوٺاڻن جا لنگھ بند ڪري ڇڏيا، اطلاع ملندي ئي ملير ۽ ڄامشوري جي مختلف ڳوٺاڻن مان ماڻهو  بند ڪيل گيٽ وٽ  پهچي ويا سخت احتجاج  بحريا ٽائون انتظاميا خلاف  نعريبازي بيحريا ٽائون ظلم جي انتها  ڪري ڇڏي آهي

 پنج سئو کان مٿي ڳوٺن جو ڪراچي سان ملائيندڙ اڪيلو رستو به  بند ڪري رهيو آهي اسان ڪنهن به صورت ۾ رستو بند ٿيڻ نه ڏينداسين، ڳوٺاڻاتفصيل موجب بحريا ٽائون انتظاميا هڪ ڀيرو ٻيهر ڳوٺاڻن جا لنگھ بند ڪري ڇڏيا آهن

اهڙو  اطلاع ملندي ئي ملير ۽ ڄامشوري جي مختلف  ڳوٺاڻن جا رهواسي  بند ڪيل گيٽ وٽ پهچي سخت احتجاج ڪري بحريا ٽائون انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي، مظاهرو ڪندڙ جيئن ئي  گيٽ تي پهتا ته انتظاميا ڳوٺاڻن جي سخت ڪاوڙ کي ڏسندي ڪم  اڌ ۾ ڇڏي هلي وئي

 ڳوٺاڻن جو  اعجاز برفت، عبدالغني برفت، مشتاق برفت، نعيم برفت ۽ ٻين جو چوڻ هو ته  هن دفعي ته بيحريا ٽائون ظلم جي حد ڪري ڇڏي آهي پنج سئو کان مٿي ڳوٺن جو ڪراچي سان ملائيندڙ

واحد رستو به بيحريا ٽائون بند ڪري رهيو آهي اسان ڪنهن به صورت ۾ رستو بند ٿيڻ نه ڏينداسين، بيحريا ٽائون هر دفعي اسان جا مختلف روڊ بند ڪري رهيو آهي، اسان بيوس ٿي خاموشي اختيار ڪئي مگر هي اسان جو قديم زماني جو روڊ آهي جيڪو اسان ڳوٺاڻن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيندو آهي،

 اسان جيئن مرڻ به هن روڊ وسيلي ڪندا آهيون، روڊ جي بند ٿيڻ سان اسان تقريبن هڪ ٻئي سان ڪٽجي وينداسين هنن  اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  بحريا ٽائون کي ڳوٺاڻن کي تنگ ڪرڻ گيت بند ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو