سکر: توليدي صحت ۽ خانداني منصوبھ سازي تي گروپ ڊسڪيشن ڪيوويو

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) سکر ۾ ناري فائونڊيشن توليدي صحت ۽ خانداني منصوبہ سازيءَ تي شادي شدہ عورتن ۽ مردن سان الڳ الڳ ڄاڻ ونڊي. ناري فائونڊيشن، شرڪت گاهه وومين ريسورس سينٽر جي سھڪار سان شادي شدہ عورتن ۽ مردن سان الڳ الڳ توليدي صحت ۽ خانداني منصوبا سازي تي فوڪس گروپ ڊسڪيشن ڪيو.

فوڪس گروپ ڊسڪيشن ۾ خانداني منصوبہ سازيءَ جي طريقن، توليد صحت، سماجي معاشي روين، تعليم جي اھميت ۽ خانداني منصوبہ سازيءَ تي ڳالھ ٻولھ ٿي. ناري فائونڊيشن جي چيئرپرسن افشان اصغر ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر انور علي مهر گڏجاڻيءَ بعد چيو ته شرڪت گاهه ۽ ناري فائونڊيشن ڪافي سالن کان عورتن جي صحت ۽ خاص ڪري خانداني منصوبہ سازيءَ تي ڪميونٽي جي مردن ۽ عورتن سان شعور آگاھي سيشن منقعد ڪرائيندا رھندا آھن ته جيئن عام ڳوٺاڻن کي معلومات ملي سگھي. ڊسڪيشن ۾ فاطمہ، شفيق،حميرا، محمد ھشم سروري، عبدلوحيد مھر , رجب خاصخيلي ۽ فرحان علي شرڪت ڪئي.

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو