سيوھڻ: ايمبولنيس ملڻ تي شھرين پاران وڏي وزير جي قدم جي ساراھھ

Spread the love

سيوهڻ شريف (رپورٽ:  محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ تعلقي جي عوام کي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو بھترين تحفو، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جي طرفان سيوهڻ لاءِ  ڊائريڪٽر سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوهڻ کي ۽  ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي جي ڪوشش ۽ ڪاوشن سان هاڻي سيوهڻ ۾ به مفت  ريسڪيو 1122 ايمبولينس سروس شروع ڪئي ويئي آهي ،

مڪمل طور تي ايمبولينس ڪال تي مريضن کي گهر ڳوٺ BHU ۽ RHC ۽ روڊ جي پاسي کان سيد عبدالله شاھ انسيٽيٽيوٽ اسپتال سيوھڻ تائين مفت منتقل ڪري سگهي ٿي، سيوھڻ جي شھرين اھڙي سروس شروع ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي کنيل قدم کي ساراهيو آھي.

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو