ساس شاخ دادو گڏجاڻي نظير نياز جويي جي صدارت ھيٺ ٿي گذري

Spread the love

دادو (رپورٽ : سرور جلال سولنگي ) سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جي پندرهن وار دستوري گڏجاڻي نامياري شاعر نظير نياز جويي جي صدارت ۾ ٿي گذري.جنهن ۾  تابش بخاري.غزل رجب آزاد.چئوسٽا عاشق دادوي.

نظم برج لال بيوس. ڪافي،جماعت علي فدوي چئوسٽا اعظم ڇڻڪي. مزاحيه غزل پرنس ذوالفقار. اردو شاعري نظير نياز جويو. غزل، مهتاب چارڻ حضرت باهو عليه رحمت جي شاعري ترنم ۾ پيش ڪئي. گڏجاڻي ۾ پيش ڪيل اسمن تي اصلاح لاء پيش ڪيا،جن تي ضمير ڪوريجي،

 غلام مصطفي ٿهيم ۽ ٻين دوستن ڀرپور اصلاحي رايا ڏنا. صدارتي راء ڏيندي نظير نياز جويي چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ  دادو ضلعي جي جملي شاخن مان وڌيڪ متحرڪ شاخ آهي،جيڪا ماضيء کان وٺي اڄ تائين پنهنجو ڀرپور ادبي ڪردار نڀائيندي پئي اچي.

موجوده سيڪريٽري مان به سنگت جي فعالي لاء بهترين توقعات رکان ٿو .آخر۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران هٽايل  ڍڳي وارو لوگو بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو