روهڙي: سينيئر صحافي عبدالجواد عباسي جي سالگرھ ملهائي وئي
روهڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ)روهڙي جي سينيئر صحافي روهڙي يونين آف جرنلسٽس جي صدر عبدالجواد عباسي جي سالگرھ روهڙي پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي،سالگرھ تقريب ۾ سکر، روهڙي، سنگرار، صالح پٽ، جي صحافين، سياسي، سماجي شخصيتن، شهرين ۽ نامور شاعرن اديبن شرڪت ڪئي ان موقعي تي سالگرھ مشاعرو ڪوٺايو ويو،
جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ناليوارن شاعرن سيد نور علي رضوي، شمس الدين ڪلوڙ، زاهد شيخ، اختر درگاهي، نوشاد علي جعفري، امام بخش منور، خالد ڀابڻ، آزاد عجيب منگي، سميع سجاد، شمس صابر، ذوالفقار جانوري، علي اشرف قاضي، خواجه ذوالفقار ۽ ٻين شرڪت حصو ورتو
۽ پنهنجي شاعر پيش ڪري خوب داد وصول ڪيو، بعد ۾ سنڌ جي مشهور ناليوارن فنڪارن زاهد، شيخ، اختر درگاهي ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو سالگرھ تقريب ۾ روهڙي پريس ڪلب جي صدر مجاهد بوزدار، سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر امداد بوزدار، جنرل سيڪريٽري احقر شاھ، ايڊووڪيٽ الاهي بخش ميتلو، ڊاڪٽر محمد علي ميتلو،
رياض شيخ، مخدوم غلام رسول، زمان باجوا، ايڊووڪيٽ غلام نبي چڍڙ، عبدالخالق منگريو، جمشيد احمد قريشي، اسلم سومرو، عثمان ڱھنيو، عديل احمد بلوچ، شاھد ميراڻي، ڪامران انصاري،قمرالدين ميراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
جُون 11, 2023