روهڙي: بارگاہ ترائي واسي ملاح برادري جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاھرو
روهڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ) ڳوٺ بارگاہ ترائي جي رهواسين ملاح برادري پنهنجي برادري جي بااثرن جي ڏاڍ خلاف روهڙي پريس ڪلب پنهنچي احتجاجي مظاهرو ڪيو تفصيل موجب ترائي جي ملاح برادري جي رب نواز ملاح علي نواز ملاح قلندر بخش ملاح روهڙي پريس ڪلب پنهنچي پنھجي برادري بااثر قربان علي هوت ملاح خلاف احتجاج ڪندي
چيو ته اسان جي بااثربرادري جي ماڻهن سڱاوتي تڪرار تان اسان جي گهرن مٿان حملو ڪري لٺيون هڻي اسان جي ماڻهن کي سخت زخمي ڪري وڌو هو بااثر آهين ۽ پوليس جو اثررسوخ استعمال ڪندي پوليس فرياد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اسپتال جا ڊاڪٽراسان جو علاج نه ڪري رهيا آهن اسان ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪري حملو ڪندڙ بااثر خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃين.
جُون 11, 2023