رحيم يار خان واسي پاران ٺل پوليس ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪارروائي جي گھر
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙـ )رحيم يار خان جي رهواسي رائيس ملر صداقت آرائين مطالبو ڪيو آهي ته سندس ٽرالر جي چوري ڪندڙ ٺل پوليس ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري 77 لک رپين جي ڦرلٽ ڪيل ساريون واپس ڪرايو وڃي.
سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صداقت آرائين چيو ته 4 مهينا اڳ 77 لک رپين جي ڪاءنات سارين جي مال سان ڀريل ٽرالر جيڪو بدين جي گولاڙچي کان رحيم يار خان اقبال آباد وڃي رهيو هو ته ھنن پھريان گمبٽ لڳ ٽرالي ڊراءيور تي قبضو ڪري ھن کي ۽ روهڙي لڳ ايس ايڇ او ٺل سعيد جمالي،
بهار ڪنڊراڻي روڪي ورتو. ۽ روهڙي بائي پاس وٽان جوابدارن ٽرالر ۽ ڊرائيور کي اغوا ڪرڻ بعد سارين جون ٻوريون لاهي 24 ڪلاڪن بعد ٽرالر ڊرائيور سميت ڇڏي ويا،اهڙي واقعي جو ڪيس روهڙي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي پر روهڙي ٿاڻي جي پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.
صداقت آرائين الزام هنيو ته زري حاضري تي هاءِ ڪورٽ سکر مان نڪتس ته جوابدارن موٽروي تائين پيڇو ڪيو ۽ نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.
جُون 11, 2023