دادو ۾جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي احتجاجي مظاھرو

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي ڊجيٽل آدمشماري،ڌارين جي آبادڪاري، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ،سنڌ اندر ٻيٽن،سنڌو درياھ ۽ زمين تي قبضن ۽ بيروزگاري خلاف سوين ڪارڪن اڳواڻن نٽهڻ اۡس ۾ هٿن ۾ پارٽي جهنڊا ۽ بينر کڻي دادو جوهي موڙ کان مارچ پيادل ڪري شهر مختلف روڊ رستن کان ٿيندي دادو پريس ڪلب پهچي ڪچهري روڊ تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي، ڇتي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن اسلم خيرپوري،سرمد ميراڻي،محمد رمضان پنهور،نياز چنه، ظفرڪوريجو، لالا ظهير سومرو، منصور جمالي،فتاح چنه ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ فرمائشي ڊجيٽل آدمشماري ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري،سنڌو درياھ ۽ ٻيٽن تي قبضا هٿ وٺي ڪرايا ويا جنهن ۾ پيپلز پارٽي سڌي ريت ملوث آهي، سنڌ جي لکين ايڪڙي زمين وڪڻي وئي آهي، پيپلز پارٽي جي اقتدار هجڻ سبب سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ ڌارين کي آباد ڪيو ويو آهي ڪراچي ۾ افغاني،بنگالي، برمين سميت ٻين ڌارين کي زمين ۽ سرڪاري نوڪريون ڏنيون ويون آهن جنهن ڪري سنڌي اقيلت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن،سنڌ جي حقن بي ڳالھ ڪرڻ تي هزارين سنڌي نوجوان کنڀي گم ڪيا ويا آهن جنهن ڪري اڄ به سوين ڳڀرو نوجوانن جي گهرن ۾ ماتم متل آهي پر سنڌ حڪومت انهن جي بازيابي لاء ڪي به قدم نه کنيا آهن، انهن سنڌي نوجوانن جو صرف ڏوھ اهيو آهي ته هنن سنڌ جي حقن معدني وسلين ۽ ڌارين جي آبادي خلاف آواز بلند ڪيو،هنن چيو ته سنڌ جا معدني پيداواري وسيلا صرف سنڌ ۽ سنڌين جا آهن جنهن جي مالڪي لاء هر سنڌي پنهنجي ذميواري سمجهي ٿو،سنڌ اندر مذهبي انتها پسندي جو خاتمو انتهائي لازمي آهي جنهن جي لاء جيئي سنڌ قومي محاذ هر فورم تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي،سنڌ اندر سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني جي باهه ڀڙڪي اٿي آهي جنهن سبب ڪروڙين سنڌي ذهني ۽ جسماني طور سخت پريشان آهن،هٿ وٺي سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ڪرائي پروفيسر اجمل ساوند جهڙن تعليمي ماهرن کي قتل ڪرايو پيو وڃي جيئن سنڌي نوجوان تعليم جي ميدان ۾ اڳتي نه اچن،هنن چيو ته سنڌ پوليس ۾ سياسي سفارش سبب هر روز ماڻهون اغوا ۽ ڦرجي رهيا آهن ۽ اهيو ئي سبب آهي جو هر روز ڌاڙيلن هٿان پوليس اهلڪار شهيد ٿين پيا سنڌ پوليس پنهنجو معيار وڃائي ويٺي آهي، سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب سنڌ جون نياڻيون اغوا ٿي رهيو آهن پر هو گهري ننڊ ۾ آهن، سنڌ جي لکين ايڪڙ ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضا ڪري انهن کي وڪرو ڪري سنڌ کي تباھ ڪيو پيو وڃي،سنڌ جا اربين کربين روپيا ھڙپ ڪيا ويا آهن،اڄ هن سخت گرمي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ سنڌ جي ڪروڙين سنڌين جي درد،ڏک سورن ڪري دادو ۾ احتجاج ڪري رهي آهي،پيپلز پارٽي سنڌ لاء ڪينسر بڻيل آهي جنهن جي هوندي سنڌ جو خوشحال ٿيڻ مشڪل آهي پيپلز پارٽي سنڌ جي نه پر عالمي سازش جي ٽيم آهي جيڪا صرف سنڌ جي زمين ۽ ٻيٽن ۽ معدني وسلين تي قبضو ڪرڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي،هنن چيو ته ٻين ملڪن ۾ ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو آهي پر سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ملي نه سگهيو آهي اسان اڄ به سائين جي ايم سنڌ جي نظريي فلسفي تي هلي ڪري سنڌ جي معدني وسلين ۽ سنڌ جي انچ انچ جي تحفظ ڪرڻ لاءِ عملي جهدوجد ڪيون پيا،هنن چيو سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب مهانگائي عروج تي پهتل آهي جنهن جي ڪري هر روز سوين سنڌي خودڪشيون ڪري رهيا آهن،مظاهرين چيو ته جنهن وقت تائين سنڌ جي معدني وسيلن، زمين،ٻيٽن ۽  سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ ۽ هزارين کنڀي گم ڪيل سنڌين نوجوانن جي آزادي ۽ سنڌ مان بيروزگاري ختم ٿيڻ تائين عملي جهدوجد جاري رهندي.

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو