دادو: پير دانش علي چيئرمين ۽ خالد حسين وي سي بنا مقابلي ڪامياب
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) پيپلزپارٽي پاران ميونسپل ڪاميٽي دادو جي لاء نامزد چيئرمين پير دانش علي ۽ وائيس چيئرمين لاء خالد حسين ميراڻي بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويا
سندن مقابلي ۾ ڪنھن به اميدوار نامزدگي فارم جمع نه ڪرايو ٖ رٽرننگ آفيسر دادو اسسٽنٽ ڪمشنر دادو شاھنواز ميراڻي ٻڌايو ته پير دانش علي ۽ خالد حسين ميراڻي جي مقابلي ۾ ڪنھن به فارم جمع نه ڪرايو آھي اھڙي طرح پير دانش علي چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي ۽ خالد حسين ميراڻي بنامقابلي وائيس چيئرمين چونڊجي ويا آھن
ان موقعي تي پير دانش علي چيو ته مان پارٽي قيادت آصف علي زرداري ٖ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ميڊم فريال ٽالپر ۽ پيپلزپارٽي جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن ڀروسو ڪري اسان کي اعزاز بخشيو آھي مان ۽ منھنجي سڄي ڪائونسل ۽ وائيس چيئرمين سميت سڀني جي اھائي ترجيح ھوندي ته سڀ متحد ٿي شھر جي صفائي سميت جيڪي به مسئلا آھن اھي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيون
خالد حسين ميراڻي چيو ته مان پارٽي قيادت بلاول ڀٽو ٖ آصف زرداري ۽ رفيق احمد جمالي جو شڪر گذار آھيان جو اسان جو چيئرمين چونڊيو آھي اھو ھڪ نوجوان آھي ۽ ھڪ سٺي گھراڻي سان تعلق رکي ٿو اسان ٻنھي جي ڪوشش آھي ته دادو شھر کي ھڪ ماڊل شھر بنايون اسان ڪري ڏيکارينداسين ته چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين گڏ ويٺا آھن،
جُون 11, 2023