دادو: پاڪستان ملٽري هسٽري جي ڊائريڪٽر پاران آمريڪا ۾ ڊوزئر ثبوت پيش

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي)پاڪستان آرمي انسٽیٽیوٽ آف ملٽري هسٽري جي ڊائريڪٽر برگيڊيئر شفيق جيڪو هنن ڏينهن ۾ امريڪا جي دوري تي آھي،

 جنهن امريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ڪانگريس مين  جيسي جيٽن سان ملاقات ڪئي آھي ۽ پاڪستان آرمي طرفان هڪ ڊوزئر ثبوتن سان پيش ڪيو آھي جنھن ۾ پاڪستان آرمي جي خلاف 1971 جي جنگ ۾ 2 ملين بنگالين جي قتل جي الزام جو اصل حقيقتن سان جواب ڏنو ويو آھي،

یاد رهي ته ڪجھ ڏينهن پهريان پاڪستان فوج خلاف هڪ سازش تحت هڪ قراداد امريڪي ڪانگريس ۾ جمع ڪرائي وئي هئي، جنھن کي پاس ڪرائي پاڪستان جي خلاف هڪ ڪيس اقوام متحده  اڳيان رکيو وڃي ۽ پاڪستاني فوج کي جنگي جرائم هيٺ پختو الزام لڳايو وڃي،

 برگیڊيئر شفیق سان ملاقات ۾ چیئرمین پاڪستان پالیسي انسٽیٽيوٽ ڊاڪٽر مجتبٰی  ٹیڪساس جي ڪمیونٽي جي ممتاز شخصیت مطلوب خان ۽ محمود دھري شامل هئا، برگیڊيئر شفیق هن کان پهريان امریڪا   ڪانگريس ۾ ٽام ڪین جونیئر ۽ شیلا جیڪسن سان پڻ ملاقات ڪئي آھي جيڪي خود پاڪستان جي خلاف ان قرارداد جا خالق آھن۔

جُون 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو