جهانگير ترين سان معاملا طئي ٿيڻ جي خبرن تي پرويز خٽڪ جو بيان سامهون اچي ويو
پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ استحڪام پاڪستان پارٽي جي پيٽرن ان چيف جهانگير ترين سان ملاقات جي خبرن تي وضاحت ڏئي ڇڏي.
ميڊيا تي اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته پرويز خٽڪ جا جهانگير ترين سان معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ تمام جلد هو استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪندو.
ذريعن دعويٰ ڪئي هئي ته پرويز خٽڪ کي استحڪام پاڪستان پارٽي جو جنرل سيڪريٽري بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان پرويز خٽڪ وضاحتي بيان ڏيندي چيو آهي ته جهانگير ترين سان منهنجي ڪا ملاقات ناهي ٿي، هن وقت مان سياسي معاملن تي نٿو ڳالهائڻ چاهيان.
هن چيو ته نه مون کي جهانگير ترين جي پارٽي ۾ سيڪريٽري جنرل جي آڇ ٿي ۽ نه اهڙي ڪا آڇ قبول آهي، مان پنهنجي جاءِ تي آهيان ۽ صوبي ۾ پنهنجي ساٿين سان رابطي ۾ آهيان.
