سي ايس ايس امتحان ۾ ٻه سيڪڙو اميدوار به ڪامياب نه ٿي سگهيا
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) سي ايس ايس امتحان 2022 جي حتمي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايف پي ايس سي جي پڌرائيءَ موجب اي ايس ايس 2022 جي لکت امتحان ۾ 20262 اميدوارن حصو ورتو، لکت امتحان ۾ 393 اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي.
پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪاميابي حاصل ڪندڙن ۾ 223 مرد ۽ 151 عورتون شامل آهن، سي ايس ايس جي امتحان ۾ ڪاميابي جي شرح 1.85 سيڪڙو رهي.
ايف پي ايس سي جي پڌرائيءَ موجب چونڊيل اميدوارن کي ميرٽ تي سروس گروپس به ڏنا ويا آهن، ڪميشن گريڊ 17 ۾ مقرري لاءِ 374 اميدوارن جي سفارش ڪئي، گريڊ 17 ۾ مقرري لاءِ 146 مرد ۽ 91 عورت اميدوارن جي سفارش ڪئي وئي.
