بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ بجيٽ ۾ ڪهڙا پروگرام آهن؟
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي پٺ تي پيل طبقي جي مالي ڏکيائين کي گهٽائڻ به وفاقي بجيٽ جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي.
ناڻي واري وزير اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام غربت کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جو هڪ فليگ شپ پروگرام اهي، مالي سال 2021-22 ۾ هن پروگرام لاءِ 250 ارب رپيا رکيا ويا آهن موجوده حڪومت بجيٽ ۾ 360 ارب رپيا رکيا آهن.
هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران ان مد ۾ 40 ارب رپين جي واڌ ڪري 400 ارب رپيا ڪيا ويا آهن.
ايندڙ مال سال دوران حڪومت ان مد ۾ 450 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.
هن پروگرام ۾ 93 لک ڪٽنبن کي 8750 رپيا قسط ڏني ويندي جنهن لاءِ 346 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
